ديبلي ابراهيم

ديبلي، ابراهيم: شيخ محدث ابراهيم بن محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي سنڌي هڪ وڏو عالم محدث هو، سندس ذڪر سمعاني ’ڪتاب الانساب‘ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته، ”هن حديث جي روايت موسيٰ بن هارون کان ۽ محمد بن علي مصائخ ڪبير کان ۽ ٻين محدثن کان ڪئي ۽ آخر مڪي شريف ۾ اچي رهيو، جتي سندس وفات ٿي.“ ابراهيم ديبليءَ جو ذڪر حمويءَ پنهنجي ڪتاب ’معجم البلدان‘ ۾ به ڪيو آهي. سندس وفات جي تاريخ معلوم ٿي نه سگھي آهي، پر ’نزهت الخواطر‘ واري کيس چوٿين صديءَ جي رجالن ۾ آندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو